- Advertisement -
خيبرپختونخوا جي علائقي لکي مروت ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ڪري ڊي ايس پي کي گن مين سميت شهيد ڪري ڇڏيو.
پوليس جوچوڻ آهي ته فائرنگ جو واقعو لکي مروت جي علائقي ۾ پيش آيو، ڊي ايس پي گل محمد خان رات جو معمول جي گشت تي هو ته اڻڄاتل هٿياربندن سندس گاڏي ٿي ڇتي فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ سبب گاڏي ۾ موجود ڊي ايس پي ۽ گن مين سخت زخمي ٿي پيا.
ڊي ايس پي گل محمد خان ۽ گن مين کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هنن زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، واقعي کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي هٿياربندن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي.- Advertisement -
