مالياتي معاملن ۾ شفافيت تي ڪوبه ٺاهه نه ٿيندو : مريم نواز

- Advertisement -
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته مالياتي معاملن ۾ شفافيت تي ڪوبه ٺاهه نه ٿيندو، عوام جي مسئلن جو فوري حل گهرجي، احتساب، شفافيت، ڪوالٽي ورڪ ۽ ٽائيم ورڪ ريڊ لائن آهن، ڪم ڪرڻ وارن جو احترام ڪن ٿا. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي صدارت هيٺ دربار هال سيڪريٽريٽ ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري زاهد زمان اختر، چيئرمين پي اينڊ ڊي، سيڪريٽري صحت ۽ ناڻي واري سيڪريٽري نئين چونڊيل وزيراعليٰ کي کاتن جي ڪمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس دوران ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته ڊينگي ۽ پوليو کان بچاءَ تي ڌيان ڏنو وڃي، عوام کي علاج جون معياري سهولتون ملڻ گهرجن، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ عوامي ڀلائي جا منصوبا جاري رکيا وڃن. سندس چوڻ هو ته هوءَ خدمت جي جذبي سان سرشار ۽ ديانتدار آفيسرن کي سلام پيش ڪري ٿي، ميرٽ جي ڀڃڪڙي نه ڪندي نه ئي ٿيڻ ڏيندي، ڪابه سياسي ڀرتي نه ٿيندي. پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته عوام جي مسئلن کي فوري حل گهرجي، اسٽرڪچرل سڌارا ڪرڻا پوندا، مسئلن جي پاڙ تائين پهچي ختم ڪياويندا، آفيسر ۽ ملازم سندس ٽيم آهن، ڪم ڪندڙن کي سپورٽ ڪيو ويندو. مريم نواز چيو ته عوام جي خدمت جو مشن مڪمل ڪرڻ لاءِ سٺي تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي، سول سرونٽس حب الوطني ۽ خدمت جي جذبي سان سرشار آهن، احتساب، شفافيت، ڪوالٽي ورڪ ۽ ٽائيم ورڪ ريڊ لائن آهن، ڪم ڪرڻ وارن جو احترام ڪن ٿا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
4 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
19.9 ° C
19.9 °
19.9 °
19%
2.7m/s
0%
سُومر
21 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °
خميس
23 °
جمعو
23 °

تازه ترين خبرون