تازه ترين

ماڻهو هاڻي تحريڪ انصاف مان بيزار ٿي چڪا آهن،  جيل ۾ ويٺل شخص چاهي ٿو ته قوم جي نقصان ٿي : شرجيل ميمڻ

- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ماڻهو هاڻي تحريڪ انصاف مان بيزار ٿي چڪا آهن،  جيل ۾ ويٺل شخص چاهي ٿو ته قوم جي نقصان ٿي،  ڪي پي حڪومت جو هڪ چڱو ڪم ٻڌايو جيڪو ڪيو ويو هجي،   شيون بهتري طرف وڃي رهيون آهن، ذاتي مفادن لاءِ ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. ڪراچيءَ ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن جي ذميواري آهي ته ووٽ وٺي عوام جا مسئلا ترجيح هجڻ گهرجي، عوام جي اميد ۽ پورو لهڻ سميت اصل مسئلا حل ڪرڻ لازمي آهي. هن چيو ته مهنگائي ۽ رليف ۾ واپاري هاري، مڊل ڪلاس ۽ غيرت طبقو ترجيح هجڻ گهرجي، ان مقابلي ٻيا ڇا ويا ڪن ۽ دهشتگردي سبب 90 ماڻهو ماريا ويا. شرجيل ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ وارا عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران وفاقي حڪومت مٿان يلغار ڪري رهيا آهن، انهن اهلڪارن جو ڏوھ ناهي. سينيئر صوبائي وزير چيو ته بنون جيل ٽٽڻ، اي پي ايس واقعو ٿيو اها حڪومت هٿ تي هٿ رکي ويٺي آهي، ڪي پي عوام کي ڪهڙو رليف مليو آهي اهو سوال آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت جيڪا افراتفري پيدا ڪرڻ هي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڇا اهو ئي ضروري آهي ته اوهان رڳو فائنل ڪال بس آخري ڪال ڏيڻ جو سلسلو هلايو وڃي. شرجيل ميمڻ چيو ته ماڻهو هاڻي تحريڪ انصاف مان بيزار ٿي چڪا آهن،  جيل ۾ ويٺل شخص چاهي ٿو ته قوم جي نقصان ٿي،  ڪي پي حڪومت جو هڪ چڱو ڪم ٻڌايو جيڪو ڪيو ويو هجي. سينيئر صوبائي وزير چيو ته ذاتي مفادن لاءِ ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته گنڊاپور ۽ بشريٰ بيبي ۾ اختلاف جي ته خبر ناهي پر بشريٰ بيبي جي سعودي عرب بابت بيان کي پارٽيءَ رد ڪيو آهي. هن چيو ته انٽرنيٽ بند ٿيڻ جو جواب وفاقي حڪومت ئي ڏئي سگهي ٿي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
8 %
3.5kmh
100 %
اڱارو
30 °
اربع
37 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون