تازه ترين

مخالف ڌر ۽ حڪومتي اتحادين طرفان پارليامينٽ مان گرفتاريون پارليامينٽ تي حملو قرار

- Advertisement -
قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر ۽ حڪومتي اتحادي پارٽين طرفان پارليامينٽ هائوس مان گرفتارين کي پارليامينٽ تي حملو قرار ڏئي احتجاج ڪيو ويو، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر واقعي تي ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان چيو ته  پارليامينٽ مان گرفتاريون پاڪستاني جمهوريت جو 9 مئي  واقعو آهي،  جنهن کي ملڪي تاريخ ۾ ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو. هن چيو ته پارليامينٽ ميمبرن کي پارليامينٽ هائوس ۽ مسجد مان گرفتار ڪيو ويو، هو پنهنجو ڪيس وڙهي رهيا  آهن. سندس چوڻ هو ته سندس ڪيس جمهوريت جو آهي، ڪالهه جيڪو ڪجهه ٿيو پارليامينٽ سان ٿيو آهي، هو اسرائيل نه پر پاڪستان ۾ آهن. علي محمد خان چيو ته افسوس آهي ته ڪالهه ڀارت، آمريڪا ۽ اسرائيل نه پر سندس پنهنجي ادارن جي ماڻهن کين گرفتار ڪيو. هن چيو ته جمهوريت، پاڪستان ۽ آئين تي حملو ڪيو ويو آهي. پ پ ايم اين اي نويد قمر چيو ته  پارليامينٽ ميمبرن جون گرفتاريون آئين ۽ پارليامينٽ تي سنجيده  حملو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن پارليامينٽ اندر گهڙي ميمبرن کي گرفتار ڪيو وڃي ته باقي ڇا ٿو بچي. سندس چوڻ ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي معاملي جي جاچ ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪارروائي نه ٿي ته سلسلو بند نه ٿيندو اها ته شروعات آهي. نويد قمر چيو ته پارليامينٽ ميمبرن جي عزت ڇا کين پنهنجو مستقبل ئي نظر نه اچي رهيو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پارليامينٽ هائوس مان گرفتارين جو نوٽيس وٺندي ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان ڪيو. اسپيڪر اياز صادق چيو ته پارليامينٽ ۾ جيڪو ٿيو اهو ايوان تي ٽيون حملو آهي جنهن تي خاموش نه ٿو رهي سگهجي. هن چيو ته ڪالهوڪي واقعي جا سمورا فوٽيجز طلب ڪيا ويا آهن، معاملي کي سنجيدگي سان ڏٺو ويندو، حقيقتون ۽ فوٽيجز ڏسڻ کانپوءِ ڪارروائي ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
44 %
2.2kmh
30 %
خميس
24 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون