تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن ۾ نينگر ۽ عورت سميت 4 ڄڻا فوت، 3 زخمي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ نينگر ۽ عورت سميت سميت 4 ڄڻا فوت ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

مٽياري ۾ قومي شاهراهه تي حادثي جي نتيجي ۾ واٽهڙو نوجوان فوت ٿي ويو.

قومي شاهراهه تي تيز رفتار ڪوچ نوجوان کي ٽڪر هنيو، اطلاع تي پوليس پهچي فوتي جو لاش اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي آهي، نوجوان درويش لڳي رهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ٻئي پاسي بلڙي شاهه ڪريم ويجهو جھرڪ پل حادثي ۾ 38 ورهين جو نوجوان فوت ٿي ويو.

حادثي ۾ فوت ٿيل جي سڃاڻپ بلڙي جي علائقي ڍنڍيءَ واسي گل حسن پٽ وڪيو جماري طور ٿي.

فوتي جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪو گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو.

هوڏانهن نندو ويجهو ٿرڪول روڊ تي تيز رفتار وين موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نينگر فوت  ٿي ويو جڏهن ته سندس والد سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي پوليس پهچي فوتي نينگر حشر باجوا جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته وين ڊرائيور محمد اسحاق گجو کي پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

ٻئي پاسي روھڙي ويجھو ريلوي اوور ھيڊ برج ڀرسان ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل تي سوار عورت فوت ٿي وئي جڏهن ته سندس پٽ زخمي ٿي پيو.

ٻڌايو پيو وڃي ته موٽر سائيڪل سوار نوجوان پنهنجي امڙ سان گڏ ڳوٺ وڃي رهيو ته ساڻن حادثو پيش آيو……..

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
3 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
36 %
2kmh
0 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون