- Advertisement -
مرڪز ۽ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ بابت ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار آهي، ن ليگ ۽ پ پ وچ ۾ اڄ ٻيهر ڳالهيون ٿينديون.
گذريل ڏينهن پنجين دور ۾ به پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ وچ ۾ معاملا طئه نه ٿي سگهيا هئا، عام چونڊن کي 12 ڏينهن گذرڻ باوجود مرڪز ۾ حڪومت ٺاهڻ تي ڊيڊ لاڪ ختم نه ٿي سگهيو آهي.
ٻنهي پارٽين جي ڪميٽين طرفان قيادت سان مشوري بعد قطعي فيصلو بعد گڏيل پڌرائي جاري ڪئي ويندي.
ذريعن جوچوڻ آهي ته ڳالهين دوران ٻنهي جماعتن هڪٻئي سان حتمي تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي پارٽين جون رابطا ڪميٽيون مثبت اڳڀرائي جون دعويدار آهن، پر قطعي فيصلي لاءِ قيادت جي حڪم بعد لکت ۾ معاهدو ڪيو ويندو.- Advertisement -
