تازه ترين

مسافرن کان منصفاڻي ڀاڙي جي اوڳاڙي کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي ترجيح آهي: شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته مسافرن کان منصفاڻي ڀاڙي جي اوڳاڙي کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي ترجيح آهي، مهم جو مقصد مسافرن کي پيش ايندڙ پريشانين ۽ ڏکيائين جو خاتمو آهي، مسافرن سان ناانصافي ڪندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي وڌيڪ ڀاڙو وٺندڙن خلاف مهم جاري آهي. روڊ ٽرانسپورٽ اٿارٽي جي آفيسرن جي ٽريفڪ پوليس، ڊسٽرڪٽ پوليس ۽ موٽروي پوليس جي سهڪار سان ڪارروايون ڪيون. سيڪريٽري پي ٽي اي، آر ٽي اي ۽ ڊي آر ٽي اي سميت ٻين فيلڊ آفيسرن انٽرا سٽي ۽ بين الصوبائي مسافر گاڏين جي چيڪنگ ڪئي. مهم دوران هڪ هزار 12 گاڏين جي چيڪنگ ڪئي وئي، مسافرن کان ورتل 22 لک 85 هزار کان وڌيڪ رقم واپس ڪرائي وئي. واڌو ڀاڙو وٺندڙ ٽرانسپورٽرن تي 7 لک 21 هزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته مسافرن کان منصفاڻي ڀاڙي جي اوڳاڙي کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي ترجيح آهي. سندس چوڻ هو ته مهم جو مقصد مسافرن کي پيش ايندڙ پريشانين ۽ ڏکيائين جو خاتمو آهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مسافرن سان ناانصافي ڪندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو، ٽرانسپورٽر اخلاقي معيار کي برقرار رکن ۽ مسافرن جي حفاظت سان سفر کي يقيني بڻائن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
28 %
0.9kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون