مسلم ليگ ن طرفان وفاقي ڪابينا بابت صلاح مشورا مڪمل

- Advertisement -
مسلم ليگ نون جي قائد نواز شريف سان وفاقي ڪابينا جي جوڙجڪ بابت صلاح مشورو مڪمل ڪندي وزيراعظم شهباز شريف پهرين مرحلي جي نالن کي قطعي شڪل ڏئي ڇڏي، نئين ڪابينا قسم کڻي رهي آهي، صدر آصف علي زرداري نئين ڪابينا کي قسم کڻائيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ نون جي قائد نواز شريف سان وفاقي ڪابينا جي جوڙجڪ بابت صلاح مشورو مڪمل ڪندي وزيراعظم شهباز شريف پهرين مرحلي جي نالن کي قطعي شڪل ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب، نئين وفاقي ڪابينا منجهند 3 وڳي قسم کڻندي، پهرين مرحلي ۾ هڪ درجن کان وڌيڪ وزير قسم کڻندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي نگران حڪومت جا ڪيترائي ماڻهو به صلاحڪار ۽ خاص مددگار طور ڪابينا ۾ شامل هوندا. ذريعن موجب، نگران حڪومت مان محسن نقوي، جليل عباس جيلاني، ڊاڪٽر شمشاد اختر، احد چيمه ۽ فواد حسن فواد ڪابينا ۾ شامل هوندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي وارو قلمدان محمد اورنگزيب کي ڏنو ويندو ۽ طارق فاطمي پرڏيهي معاملن بابت خاص مددگار هوندو. ذريعن موجب، قسم کڻندڙ امڪاني وزيرن ۾ اسحاق ڊار، عطاءُ الله تارڙ، خواجا آصف، احسن اقبال، اعظم نذير تارڙ، مصدق ملڪ، سردار يعقوب ناصر، طارق فضل، حنيف عباسي ۽ طارق بشير چيما شامل آهن. صدر آصف علي زرداري ڪابينا ميمبرن کي قسم کڻائيندو، جڏهن ته وزيراعظم به موجود هوندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.4 ° C
18.4 °
18.4 °
44%
2.5m/s
0%
خميس
28 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
30 °
سُومر
28 °

تازه ترين خبرون