معاشي استحڪام جو سفر جاري آهي، جٽادار ترقيءَ لاءِ هڪ ٽيم بڻجي ڪم ڪرڻو پوندو : وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته معاشي استحڪام جو سفر جاري آهي، جٽادار ترقيءَ لاءِ هڪ ٽيم بڻجي ڪم ڪرڻو پوندو. دبئي ۾ پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته معاشي استحڪام جو سفر جاري آهي، مستقل ترقيءَ جو سفر ڊگهي ۽ چئلينجن سان ڀريل آهي. هن چيو ته جٽادار ترقيءَ لاءِ کين هڪ ٽيم بڻجي ڪم ڪرڻو پوندو، آءِ ايم ايف جي پروگرام بعد ميڪرو اڪنامڪ استحڪام آيو، پاليسي ريٽ ۾ نمايان گهٽتائي ٿي. وزيراعظم چيو ته گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ ايڪسپورٽ ۾ اضافو ٿيو آهي، پاڪستان معدني وسيلن سان مالامال ملڪ آهي، معدنيات جي شعبي تي ڌيان ڏنو ويندو، آءِ ٽي جي شعبي ۾ وڏي صلاحيت موجود آهي. شهبازشريف چيو ته نوجوانن کي ايَ آءِ ۽ آءِ ٽي ۾ تربيت فراهم ڪري بي پناهه ترقيءَ جا موقعا فراهم ڪري سگهجن ٿا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.4 ° C
18.4 °
18.4 °
44%
2.5m/s
0%
خميس
28 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
30 °
سُومر
28 °

تازه ترين خبرون