- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ جو ڪو به شهري عدالتي نظام مان مطمئن ناهي، آئيني سڌارا تمام گهڻو ضروري آهن، اليڪشن ڪميشن ۽ پارليامينٽ ۾ مونجهارو عدالتي فيصلن سبب آهي، حڪومتي آئيني ترميمي مسودو ڪچو آهي، پڪو تڏهن ٿيندو جڏهن پ پ ۽ جي يو آءِ ۾ اتفاق ٿيندو.
خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين چيوته مولانا فضل الرحمان کي جلد هڪ پيج تي آندو ويندو.
هن چيو ته حڪومت جي ڪارڪردگي مان هو مطمئن آهن پر وفاقي ڪابينا ۾ شامل نه ٿيندا.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ باني کي جيل ۾ سائيڪل ملي ٿي، سندن وزيراعظم کي چيو وڃي ته سپريم ڪورٽ تائين بنا سڪيورٽي پنڌ اچو.
پ پ چيئرمين چيو ته آئين سازي واري معاملي ۾ جي يو آءِ جو هميشه هاڪاري ڪردار رهيو آهي، مولانا فضل الرحمان راضي نه ٿيو ته هو پنهنجا نمبر پورا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪي پي ڪي ۾ حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ذميواري صوبائي حڪومت جي آهي، ڪي پي ڪي ۾ خراب صورتحال تي گڏيل اجلاس گهرائي بريفنگ ڏني وڃي.
پ پ چيئرمين چيو ته آئيني سڌارا ضروري آهن، اهو ڪم تمام گهڻو اڳ ٿيڻ گهرجي ها.- Advertisement -
