- Advertisement -
مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته ملڪ کي لڳل وائرس هميشه لاءِ ختم ٿي چڪو آهي، ڪنهن 50 لک گهرن جو واعدو ڪيو پر هڪ گهر به نه ڏنو آهي، انتقام جي سياست ختم ڪري ترقي جو سفر شروع ڪيو ويندو.
گوجرانوالا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته پاڪستان ۾وائرل بيماري اچي وئي هئي جيڪا پنج کان ست سال رهي ۽ عوام جو گهڻو نقصان ڪري هلي وئي، پر هاڻي اها بيماري هميشه لاءِ ختم ٿي چڪي آهي.
هن چيو ته ان بيماري کي سڀ کان پهريان گوجرانولا مان ماري ڀڄايو هو، جن لانگ مارچ ڪيو اهي گوجرانوالا مان ئي ڀڄي ويا.
مريم نواز چيو ته ڪنهن 50 لک گهرن جو واعدو ڪيو هو پر ڪنهن کي هڪ گهر به ناهي مليو، نواز شريف 50 لک گهرن جو واعدو ڪيو آهي جنهن تي عمل ڪري ڏيکاريندو.
سندس چوڻ هو ته انتقام جي سياست ختم ڪري ترقي جو سفر شروع ڪيو ويندو- Advertisement -
