تازه ترين

ملڪ ۾ گرميءَ جي سخت لهر برقرار، 50 ڊگري سينٽي گريڊ  رڪارڊ

- Advertisement -
ملڪ ۾ گرميءَ جي سخت لهر برقرار آهي،  ڪيترن ئي شهرن ۾ پارو 50 ڊگري سينٽي گريڊ  رڪارڊ ڪيو ويو. سڀ کان وڌيڪ گرمي جيڪب آباد ۽ دادو ۾ 51-51  ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي. نوابشاهه، سکر ۽ سبي ۾ گرمي پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، بهاولپور ۾ پرا 49 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ ملتان توڙي ڊيرا اسماعيل خان ۾ 48 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو. تربت، فيصل آباد، سرگوڌا ۾ گرمي 47 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي، حيدرآباد ۾ 46، بنون ۾ 45، پشاور ۾ 40 ڊگري سينٽي گريڊ رهي. لاهور ۾ 42 ڊگري جي گرمي 46 ڊگري محسوس ڪئي وئي، ڪراچيءَ ۾ سال جو سڀ کان گرم ڏينهن 41 ڏهائي 5 ڊگري رڪارڊ ۽ 45 ڊگري محسوس ڪئي وئي. بلوچستان جي ڏاکڻن ضلعن ۾ به هيٽ ويوِ جو خدشو آهي. ملڪ ۾ گرمي جي لهر سبب شهري سخت پريشان ۽ گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن، ڪيترن ئي علائقن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو به مسئلو پيدا ٿي ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.6 ° C
29.6 °
29.6 °
32 %
3.8kmh
0 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون