- Advertisement -
ترقي ۽ رٿا بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ملڪي حفاظتي لاءِ قدم اڻٽر ٿي ويندا آهن، اميد آهي ته اڄ پي ٽي آءِ جو ڊرامو ختم ٿي ويندو.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي جو واحد رستو عدالتي ڪارروائي آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني بيگناهه آهي ته عدالت سامهون شاهديون پيش ڪري، جيڪڏهن عدليه سامهون ڪليئر ٿيندو ته آزادي ممڪن ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت ماضي ۾ پي ٽي آءِ باني سان نرمي جو مظاهرو ڪيو آهي پر هن نرمي جو ناجائز فائدو ورتو آهي.
احسن اقبال چيو ته 9 مئي کانپوءِ سندس سياسي پارٽي مان خير جي اميد نه ٿي ڪري سگهجي، ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جو مقصد ملڪي حالتون خراب ڪرڻ آهي.- Advertisement -
