- Advertisement -
مورو ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري مسجد جي پيش امام کي قتل ڪري ڇڏيو.
هٿياربندن ڳوٺ مناھي واسي ورهين جي معشوق علي کوسو کي گوليون هڻي قتل ڪيو.
مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.
مقتول جي وارثن جو چوڻ ھو ته معشوق علي کوسو مسجد اڳيان ڪريانه جو دوڪان ھلائيندو هو، سامان اوڌر تان ڏيڻ دوران ڏند چڪ تي ھٿياربندن کيس مسجد اندر گوليون ھڻي قتل ڪيو.
هنن چيو ته پوليس ھن وقت تائين ڪوبه جوابدار گرفتار ناھي ڪيو، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي- Advertisement -
