حڪومت طرفان آئيني ترميم لاءِ مولانا فضل الرحمان کي راضي ڪرڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن، عرفان صديقي جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان آئيني عدالت قائم ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي، ڪابه آئيني ترميم مولانا جي حمايت کانسواءِ نه آندي ويندي .
مسلم ليگ ن ۽ پ پ وفدن مولانا فضل الرحمان سان ملاقاتون ڪيون.
مولانا فضل الرحمان سان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ سينيٽر عرفان صديقيءَ ملاقات ڪئي، جنهن دوران موجوده سياسي صورتحال سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عرفان صديقي جو چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان آئيني عدالت قائم ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي، ڪابه آئيني ترميم مولانا فضل الرحمان جي حمايت کانسواءِ نه آندي ويندي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ وارن کي مولانا مطمئن ڪري ٿو ته کين ڪو به اعتراض ناهي، مولانا سان ملاقات غير سياسي هئي، فضل الرحمان جو موقف آهي ته آئيني عدالتون هجڻ گهرجن.
عرفان صديقي چيو ته مولانا چاهي ٿو ته آئيني ترميم ڪا اهڙي شيءِ نه هجي جيڪا آئين سان ٽڪراءُ ۾ اچي، ايندڙ ٻن هفتن ۾ معاملا بهتر ٿي ويندا.
ن ليگ سينيٽر چيو ته ڪنهن به آئيني ترميم جو جسٽس فائز عيسيٰ يا جسٽس منصور علي شاهه سان ڪو به تعلق ناهي، ڪو به ٽائيم فريم ناهي ته ڪنهن جي وڃڻ کان اڳ آئيني ترميم ٿئي.
عرفان صديقي چيو ته ايس سي او جو اجلاس ٿيڻ ڏيو پوءِ احتجاج ڪيو وڃي، آئيني ترميم لاءِ ڪو دٻاءُ ناهي، اها 18 سال پراڻي ايجنڊا آهي.
