- Advertisement -
ميرپور ماٿيلي ۾ سرڪار جي فرياد تي صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي سميت 17 سڃاتل ۽ 23 اڻسڃاتل ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
سرڪار جي فرياد تي ڪيس ۾ هنگامي، نيشنل هاءِ وي بند ڪرڻ ۽ هيسائڻ جا ڪيس شامل ڪي ويا آهن.
سرڪار پاران داخل ڪيل ڪيس ۾ شهيد نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي، ضمير گڏاڻي، صالح گڏاڻي، قمر گڏاڻي، شهريار گڏاڻي، عبدالوحيد گڏاڻي ۽ ٻين جا نالا شامل ڪيا ويا آهن.
ھوڏانھن لنڊ برادري مان ضمير لنڊ، ڪرم الله لنڊ، ارباب لنڊ، غلام محمد لنڊ، آفتاب لنڊ، اسرار لنڊ، ستار لنڊ جا نالا به ڪيس ۾ شامل ڪيا ويا آهن.
سرڪار پاران ٻنهي ڌرين جي ماڻهن تي ڪيس داخل ڪرڻ بعد گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي……- Advertisement -
