- Advertisement -
عمرڪوٽ ۾ توهين مذهب جي الزام هيٺ گرفتار ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي مارڻ واري واقعي ۾ جاچ هيٺ پوليس آفيسرن سميت 24 ڄڻن جا نالا اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا.
صوبائي گھرو کاتي جي درخواست تي جاچ ۾ شامل ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ميرپور خاص ۽ عمرڪوٽ سميت 24 ڄڻن جا نالا اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن.
صوبائي گھرو کاتي جي درخواست تي اسٽاپ لسٽ ۾ هڪ انسپيڪٽر، 4 سب انسپيڪٽر ۽ 13 اهلڪارن جا نالا به شامل آهن.
صوبائي گھرو کاتي ايف آءِ اي کي خط لکي سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي پاڪستان کان ٻاهر وڃڻ کان روڪڻ جي درخواست ڪئي هئي.
واضع رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ توهين مذهب جي الزام ۾ گرفتار ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي جـُڙتو پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو هو.- Advertisement -
