تازه ترين

نئين سال تي هٿيارن جي نمائش ۽ فائرنگ تي پابندي يقيني بڻائڻ جو فيصلو

- Advertisement -
نئين سال تي هٿيارن جي نمائش ۽ فائرنگ تي پابندي يقيني بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل محمد شمريز ۽ آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ پاڪستان رينجرز هيڊ ڪوارٽرز ۾ سيڪيورٽي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڪمشنر ڪراچي، ايڊيشنل آءِ جيز ڪراچي ۽ اسپيشل برانچ، گهرو کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري، جوائنٽ ڊي جي آءِ بي، ڊي آءِ جيز سي ٽي ڊي ڪراچي، ويسٽ، ٽريفڪ، ايسٽ، ايس پي يو، سي آءِ اي ۽ سائوٿ پوليس، رينجرز ۽ حساس ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران گذريل اجلاس ۾ منظور ڪيل سڪيورٽي ايڪشن پلان تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ قائداعظم جي ڏهاڙي، ڪرسمس ۽ نئين سال جي جشن جي حوالي سان سڪيورٽي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڪراچي ۾ امن امان جي موجوده صورتحال ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران ڏوهارين خلاف رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن کي تيز ڪرڻ، شهر جي اندرين ۽ ٻاهرين رستن ۽ بين الصوبائي چيڪ پوسٽن تي چيڪنگ جي عمل کي وڌيڪ سخت ڪرڻ تي غور ڪري هدايتون جاري ڪيون ويون. اجلاس ۾ حڪومت پاران جاري ڪيل حڪمن جي روشني ۾ نئين سال جي موقعي تي هٿيارن جي نمائش تي پابندي، هوائي فائرنگ ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس دوران قائد جي ڏهاڙي، ڪرسمس ۽ نئين سال جي موقعي تي سيڪيورٽي کي فول پروف بڻائڻ ۽ ڪنهن به سڪيورٽي خدشن کي منهن ڏيڻ لاءِ رينجرز، پوليس ۽ ٻين لاڳو ڪندڙ ادارن پاران گڏيل ايڪشن پلان جي منظوري ڏني وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
24.9 ° C
24.9 °
24.9 °
53 %
4kmh
92 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
28 °
آچر
24 °
سُومر
31 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون