نئين نسل جي مستقبل لاءِ ماحولياتي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻو پوندو : صدر آصف علي زرداري

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته نئين نسل جي مستقبل لاءِ ماحولياتي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻو پوندو. ماحوليات جي عالمي ڏينهن تي جاري ڪيل پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته زمين جي پيداواري صلاحيت ۾ گهٽتائي سوڪڙ جهڙن مسئلن جي آگاهي لاءِ اڄ ماحوليات جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. صدر چيو ته پاڪستان ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، ماحولياتي مسئلن بابت آگاهي وقت جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جو شمار موسمياتي تبديلين جي ناڪاري اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ ٿئي ٿو. آصف علي زرداري چيو  ته پاڪستان ٻوڏ، ڏڪار، سخت گرمي ۽ جهنگن جي باهه جهڙن واقعن کي منهن ڏئي رهيو آهي، اڄ ماحوليات جي عالمي ڏينهن جو موضوع  زمين جي بحالي، سوڪڙ کي روڪڻ ۽ ڏڪار کان بچاءُ آهي. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن جو مقصد ايندڙ نسلن لاءِ ماحولياتي تحفظ جي اسان جي گڏيل ذميواري کي اجاگر ڪرڻ آهي، پاڪستان ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. صدر جو چوڻ هو ته گرين پاڪستان پروگرام جهڙن قدمن جي ڪري ٻيلن ۽ ماحولياتي نظام جي بحالي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ٻهراڙي ۽ شهري علائقن ۾ ٻيلن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪميونٽي جي قدمن کي همٿايو وڃي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ جٽا دار زميني انتظام ۽ پاڻي جي تحفظ جي طريقن کي هٿي  ڏيڻ جي ضرورت آهي. آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته  يقين آهي ته موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ تي ڌيان ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهم هوندو. سندس چوڻ هو ته  نئين نسل جي مستقبل لاءِ ماحولياتي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻو پوندو، گرين پاڪستان پروگرام جهڙن قدمن سان ماحولياتي نظام جي بحالي ۾ اڳڀرائي ٿي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.1 ° C
30.1 °
30.1 °
23%
4.3m/s
0%
آچر
30 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون