اسرائيلي فوج جي وچ غزه ۾ بريج ۽ مغازي ڪيمپن تي بمباري، وڌيڪ 19 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
اسرائيلي فوج جي غزه جي وچ واري علائقي ۾ بريج ۽ مغازي ڪيمپن تي بمباري جي نتيجي ۾ وڌيڪ 19 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. عرب ميڊيا موجب،هٿين خالي فلسطنين تي اسرائيل جا حملا جار آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 80 فلسطيني شهيد ٿي ويا. عرب ميڊيا موجب، شهيدن جو مجموعي انگ 36 هزار 550 ٿي ويو جڏهن ته 82 هزارکان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. ٻئي پاسي امريڪي قومي سلامتي جي ترجمان جان ڪربي چيو آهي ته امريڪا نيتن ياهو سان گڏجي ڪم جاري رکندو. هن چيو ته صدر بائيڊ جي تجويز اصل ۾ اسرائيلي تجويز جي عڪاسي آهي، جوبائيڊن بائيڊن تجويز کي قيدين جي آزادي جو بهترين موقعو سمجهي ٿو ٻئي پاسي حماس اڳواڻ اسامه حمدان جو چوڻ آهي ته هو مستقل جنگ بندي تي بڌل معاهدي کي ئي قبول ڪندا. هن بيان ۾ حماس اڳواڻ چيو ته اسرائيلي فوج جي نڪرڻ جي موقف بنا معاهدو قبول نه ڪندا، ٽياڪڙي ڪندڙن کي اسرائيل کان واضع موقف وٺڻ جو چيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل 7 آڪٽوبر کانپوءِ 9 هزار کان وڌيڪ فسلطينين کي گرفتارڪيو جن کي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي جڏهن ته 18فلسطيني قيدي اسرائيل جي حراست ۾ شهيد ٿي چڪا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32.4 ° C
32.4 °
32.4 °
16%
5m/s
3%
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون