تازه ترين

ڏڦيڙي ٽولو انقلاب نه پر رتوڇاڻ چاهي ٿو، وزيراعظم طرفان رينجرز اهلڪارن تي حملي جي مذمت

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف سري نگر هاءِ وي تي مظاهرين پاران رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف حملي ۾ ملوث ماڻهن جي فوري نشاندهي ڪري کين سزا ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيل رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته نام نهاد پرامن احتجاج جي آڙ ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن تي حملا قابل مذمت آهن، پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن کي شهر ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڪالهه شهيد ٿيل پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن جي معصوم ٻارن ۽ خاندانن جو ذميوار انارڪي گروپ آهي، وڳوڙ پسند گروهه خونريزي چاهي ٿو، انقلاب نه. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اهو پرامن احتجاج نه پر انتهاپسندي آهي، پاڪستان ڪنهن به انتشار ۽ خونريزي جو متحمل نه ٿو ٿي سگهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33 ° C
33 °
33 °
21 %
3.6kmh
0 %
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون