- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ننڍي ڀاءُ بجلي مهانگي ڪئي ۽ وڏي ڀاءُ وري رليف جو اعلان ڪيو، ڪجهه ماڻهو بجليءَ جي بلن بابت تنقيد ڪري رهيا آهن، بجليءَ جي بلن ۾ پيپلز پارٽي اضافو نه ڪيو آهي، بجلي جي بلن تي ناڪاري سياست نه ٿيڻ گهرجي، ڪراچي ۾ 31 سيڪڙو مريض پنجاب جي اسپتالن جا ايندا آهن، 15 ملڪن جا ماڻهو به ڪراچي ۾ علاج ڪرائين ٿا.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته ننڍي ڀاءُ بجلي مهانگي ڪئي ۽ وڏي ڀاءُ وري رليف جو اعلان ڪيو، ڪجهه ماڻهو بجليءَ جي بلن بابت تنقيد ڪري رهيا آهن، بجليءَ جي بلن ۾ پيپلز پارٽي اضافو نه ڪيو آهي، بجلي جي بلن تي ناڪاري سياست نه ٿيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ 31 سيڪڙو مريض پنجاب جي اسپتالن جا ايندا آهن، 15 ملڪن جا ماڻهو به ڪراچي ۾ علاج ڪرائين ٿا.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ سائبر نائف ذريعي مفت ۾ علاج ڪيو پيو وڃي، ٻاهرين ملڪن ۾ سائبر نائيف ذريعي علاج ڪروڙين رپين ۾ ٿئي پيو.
سنڌ جي سينيئر وزير جو چوڻ هو ته سنڌ سرڪار عوام جا مسئلا حل ڪري رهي آهي، شهري علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪيو ويو آهي، وڏو وزير مراد علي شاهه مختلف علائقن جو دورو ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته سکر ۾ 283 ملي ميٽر برسات پئي آهي، سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ برساتون پيون آهن.
شرجيل انعام ميمڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان سڀني شين کي آن لائين ڪري رهيا آهيو، هاڻي گهر ويٺي گاڏين جي رجسٽريشن ڪرائي سگهجي ٿي.- Advertisement -
