- Advertisement -
وارهه ويجهو چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙي دوران فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.
ايف پي بچاءُ بند ڀرسان ٻن ڌرين وچ ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙي دوران هٿياربندن گوليون هڻي 28 سالن جي نديم کوهيگاڻي کي زخمي ڪري ڇڏيو.
اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي کيس شروعاتي طبي امداد ڏيڻ بعد لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين وچ سڱاوتي تڪرار تان واقعو پيش آيو آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي……..- Advertisement -
