تازه ترين

ورلڊڪپ جي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا سريلنڪا کي 102 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
ورلڊڪپ جي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا سريلنڪا کي 102 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. دهليءَ ۾ کيڏيل ميچ ۾  سريلنڪن ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي اڳ  ۾فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي مقررن ۾  پنجن وڪيٽن جي نقصان تي رڪارڊ 428 رنسون ٺاهيون. پروٽيز طرفان ڊي ڪاڪ، ڊوسين ۽ مارڪرم سنچريون هنيون. ايڊن مارڪرم ٽن ڇڪن ۽ چوڏهن چوڪن جي مدد سان ورلڊڪپ جي تيز ترين سنچري ٺاهڻ جو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو، ڊي ڪاڪ سئو، ڊوسين 108، مارڪرم 106، ڪلاسين 32 ۽ ملر 39 رنسون ٺاهيون. سريلنڪا طرفان مدوشنڪا 2، رجيٿا، پيٿرانا ۽ ويلالاگي هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ڏکڻ آفريڪا طرفان مليل 429 رنسن جي حدف جي جواب ۾ سريلنڪن ٽيم 44 ڏهائي 5 اوورن ۾ 326 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. آءِ لينڊرز طرفان اسلانڪا 79، ڪشال مينڊس 76 ۽ شناڪا 68 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ڏکڻ آفريڪا طرفان ڪوٽيزي 3، جانسين، رباڊا  ۽  ڪِيشَوِ مهاراج 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون. شاندار  تيز ترين سنچري هڻڻ تي ايڊمن مارڪرم کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. پهرين ميچ ۾ بنگلاديش افغانستان کي ڇهن وڪيٽن تان شڪست ڏني. افغان ٽيم اڳ ۾ کيڏندي 156 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، بنگلاديشي ٽيم مليل حدف چئن وڪيٽن جي نقصان تي 34 ڏهائي 4 اوورن ۾ حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
13 %
1.2kmh
46 %
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
34 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون