- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف سان عالمي مالياتي فنڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ملاقات ڪئي ۽ ڊگهي مدي واري معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ مسلسل مالياتي نظم، ضبط، ادارن جي سڌارن ۽ هاڪاري گورننس جي اهميت تي زور ڀريو.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم شهباز شريف ۽ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا جي سومر ڏينهن ورلڊ گورنمينٽس 2025ع جي موقعي تي دبئي ۾ ملاقات ٿي.
ملاقات ۾ پاڪستان جي جاري آءِ ايم ايف پروگرام ۽ حڪومتي سڌارن ذريعي حاصل ٿيندڙ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
ڳالهين دوران ادارن جي سڌارن کي لاڳو ۽ مالياتي نظم ضبطکي برقرار رکڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪيو ويو، جيڪو پاڪستان جي معاشي استحڪام جي بحالي ۽ ملڪ ۾ جٽادار ترقي ۽ مستقبل لاءِ اهميت جوڳو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف آءِ ايم ايف کي توسيعي فنڊ سهولت تحت ٿيل اڳڀرائي جي اهميت کي اجاگر ڪيو، جنهن پاڪستان جي معيشيت کي مستحڪم ۽ ڊگهي مدي جي بحالي جي رستي تي هلڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.
شهباز شريف سڌارن جي رفتار خاص طور ٽيڪس سڌارن، توانائي جي شعبي جي بهتر ڪارڪردگي ۽ خانگي شعبي جي ترقي جهڙن اهم شعبن ۾ اڳڀرائي کي برقرار رکڻ لاءِ حڪومت جو عزم جو ورجاءُ ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف، آءِ ايم ايف جي ايم ڊي کي ملڪ جي معاشي استحڪام جي حڪمت عملي، هاڪاري ڪارڪردگي ۽ رٿابندي جي پائيداري لاءِ حڪومت جي عزم جو يقين ڏياريو جيڪو پاڪستان ۾ جامع ۽ جٽادار ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ اهم آهي.
آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا عالمي مالياتي فنڊ جي سهڪار سان هلندڙ قرض پروگرام کي هاڪاري طريقي سان لاڳو ڪرڻ ۾ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ملڪي معيشيت جي استحڪام کانپوءِ ترقي جي رستي تي هلڻ سان گڏوگڏ ناڻي ۾ واڌ ۾ گهٽتائي سان سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي.
ڪرسٽالينا جارجيوا اعتراف ڪيو ته پاڪستان معاشي بحالي کانپوءِ ترقي جي رستي تي هلي رهيو آهي.
آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ملڪ ۾ سڌارن واري ايجنڊا تي عمل لاءِ وزيراعظم جي قيادت ۽ ذاتي عزم جي به ساراهه ڪئي، جنهن پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ ترقي حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ڪرسٽالينا جارجيوا ڊگهي مدي واري معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ مسلسل مالياتي نظم، ضبط، ادارن جي سڌارن ۽ هاڪاري گورننس جي اهميت تي زور ڀريندي پاڪستان جي سڌارن واري ايجنڊا جي حمايت لاءِ آءِ ايم ايف جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.- Advertisement -
