- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف اڄ شام گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي 79هين اجلاس کي خطاب ڪندو.
وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ علاقائي ۽ عالمي معاملن بابت پاڪستان جو موقف پيش ڪندو.
شهباز شريف فلسطين، لبنان ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جو ڪيس دنيا آڏو رکندو.
وزيراعظم اسلامو فوبيا ۽ موسمياتي تبديلين جو معاملو به اٿاريو ويندو.
شهباز شريف ڪيترن ئي عالمي ۽ علاقائي مسئلن تي پاڪستان جي نقطه نظر کي اجاگر ڪندو.
وزيراعظم شهباز شريف عالمي امن، سلامتي ۽ خوشحالي کي هٿي وٺرائڻ ۾ گڏيل قومن جي ڪردار جي حمايت ڪندو.- Advertisement -
