- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس دوران حڪومتي ادارن جي رائٽ سائزنگ جي ٻئي مرحلي جي سفارشن جي منظور ڏني ويندي، رائٽ سائزنگ جي ٻئي مرحلي ۾ 5 وزارتن جو ڪاٿو گھٽ ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، ڪابينا کي وزارت هائوسنگ، واپار، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، فوڊ سڪيورٽي، سيڙپڪاري بورڊ جي رائٽ سائزنگ جون سفارشون پيش ڪيون وينديون، سفارشن جي منظوري سان هزارين آساميون ختم ٿي وينديون.
ان کان علاوه ٻئي مرحلي جي سفارشن جي منظوري سان ڪيترائي ادارا به بند ٿيندا، اسٽاف ٽو اسٽاف آفيسر شرح ۾ 50 سيڪڙو گھٽتائي سفارشن جي منظوري ڏني ويندي- Advertisement -
