وزيراعظم شهباز شريف نامزد ٿي چڪو آهي: آغا سراج دراني

- Advertisement -
سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف نامزد ٿي چڪو آهي، سنڌ ۾ اڃا تائين وڏي وزير ۽ اسپيڪر جي اميدوار جا نالا فائنل نه ڪيا ويا آهن، ڪنهن عهدي جي خواهش نه آهي، ايم پي اي هوندي به تڪ جي عوام جي خدمت پهرين ترجيح هوندي. سنڌ ٽي وي نيوز جي پرگرام ”اسپيشل ٽاڪ“ ۾ ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته سنڌ جي قانون تي عمل ۾ وفاق جا قانون مسئلا ڪن ٿا، گورنر جو سياسي ڪردار نه هجڻ گھرجي پر هو ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته هو اتفاق ڪري ٿو ته چونڊيل اسيمبلي ميمبر جو ڪردار گٽر ۽ صفائي نه هجڻ گھرجي، کيس ڪنهن عهدي جي خواهش نه آهي، ايم پي اي هوندي به هو تڪ جي عوام جي خدمت ڪندو رهندو. آغا سراج دراني چيو ته هو هميشه پارٽي پاليسي کي فالو ڪندو آهي ۽ ايوان ۾ نيوٽرل رهيو آهي، نئين اسپيڪر جو فيصلو اڃا تائين نه ٿيوآهي. هن وڌيڪ چيو ته تڪ ۾ قبائلي جھيڙا گھڻا وڌي ويا آهن جنهن جو هو خاتمو چاهي ٿو. سندس چوڻ هو ته ڪرپشن جا سياستدانن مٿان الزام هنيا وڃن ٿا پر ثابت ڪجھه به نٿو ٿئي، سياستدانن کي بدنام ڪرڻ جو بنيادي مقصد ڪردار ڪشي آهي. آغا سراج دراني چيو ته آصف زرداري ۾ تمام گهڻي برداشت آهي، بلاول ڀٽو ملڪ جو واحد ليڊر آهي جنهن جي ڪري چونڊون ٿيون هن چيو ته پيپلز پارٽي جاچ ايجنسي نه سياسي پارٽي آهي، وزيراعظم شهباز شريف نامزد ٿي چڪو آهي، سنڌ ۾ وڏ وزارت لاءِ اڃا ڪو حتمي فيصلو نه ٿيو آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
14.2 ° C
14.2 °
14.2 °
31%
0.3m/s
14%
اربع
14 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون