سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي سان راجا پرويز اشرف خلاف آبزرويشنز حذف ڪرڻ جو حڪم

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي سان راجا پرويز اشرف خلاف آبزرويشنز حذف ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف جي پنهنجي خلاف آبزرويشنز حذف ڪرائڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته ججن کي ڪنهن شخص جي غير موجودگي ۾ سندس خلاف آبزرويشن ڏيڻ وقت احتياط ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن جج ڪنهن خلاف آبزرويشن ڏين ٿا ته پهريان ان جو نوٽيس وٺن، اميد ڪن ٿا ته جج ڪنهن خلاف رمارڪس ڏيڻ وقت احتياط ڪندا. عدالت چيو ته راجا پرويز اشرف خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سنگل جج 2012 ۾ سخت آبزرويشن ڏنيون هيون، نيب موجب اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف خلاف نيب انڪوائري ۾ ڪجهه به ثابت نه ٿيو هو، ڪنهن شخص خلاف انڪوائري جي سطح تي آبزرويشنز ڏيڻ ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي. عدالت اپيل منظور ڪندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي پرويز اشرف خلاف آبزرويشن حذف ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شوڪت عزيز صديقي 2012 ۾ گوجر خان روڊ ڪيس ۾ راجا پرويز اشرف خلاف ريمارڪس ڏنا هئا. جسٽس شوڪت عزيز صديقي روڊ ڪانٽريڪٽ ڪيس ۾ راجا پرويز اشرف کي بدنيت ۽ ڪرپٽ قرار ڏنو هو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ راجا پرويز اشرف خلاف ڪيس تي نيب کي انڪوائري جو حڪم ڏنو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
14.2 ° C
14.2 °
14.2 °
31%
0.3m/s
14%
اربع
14 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون