- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ لنڊن کان آمريڪا روانو ٿي رهيو آهي.
وزيراعظم 27 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس کي خطاب ڪندو.
شهباز شريف ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين جي موجوده صورتحال بابت پاڪستان جو موقف پيش ڪندو.
وزيراعظم اسلامو فوبيا ۽ انتهاپسندي جو معاملو دنيا جي سامهون اجاگر ڪندو.
شهباز شريف گڏيل قومن، عالمي ادارن ۾ سڌارن، موسمياتي تبديلي، ڪلائميٽ فنانسنگ بابت به ڳالهيون ڪندو.
وزيراعظم شهباز شريف اجلاس جي سائيڊ لائنز تي مختلف ملڪن جي سربراهن ۽ اعليٰ اختيارين کان ملاقاتون به ڪندو.
آمريڪا دوري دوران وزيراعظم جي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ او آءِ سي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقاتن جو امڪان آهي، شهباز شريف جي آءِ ايم ايف اختيارين سان به ملاقاتون ٿي سگهن ٿيون……….- Advertisement -
