- Advertisement -
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور صوبي جون رهتون ۽ چيف سيڪريٽريءَ جو مطالبو ڪيو آهي، سندس چوڻ آهي ته وزيراعظم سان صوبي جي مسئلن بابت ڳالهيون ٿيون، ملاقات دوران پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جو معاملو به اٿاريو، پي ٽي آءِ بانيءَ جو هرگز اهو مطالبو ناهي ته پاڪستان کي پيسا نه ڏنا وڃن، وزيراعظم مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
وزيراعظم شهبازشريف سان ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ملاقات ڪئي، جنهن دوران وزيراعظم خوشگوار موڊ ۾ سندس آجيان ڪئي.
ملاقات دوران گهرو وزير محسن نقوي، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطا تارڙ ۽ وفاقي وزير احسن اقبال موجود هئا.
وزيراعظم سان ملاقات ۾ ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور صوبي ۾ نئين چيف سيڪريٽري جي مقرريءَ جو مطالبو ڪندي شهاب علي شاهه کي مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي.
علي امين گنڊاپور خيبرپختونخوا کي به فنڊ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته صوبي جا 15 سئو ارب رپيا رهتون ڪليئر ڪرڻ جي به گهر ڪئي.
وزيراعظم سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته وزيراعظم سان صوبي جي مسئلن بابت ڳالهيون ٿيون.
هن چيو ته وزيراعظم کيس چيو ته عوام مينڊيٽ ڏنو آهي، جيڪا به ٽيم آڻيو اعتراض نه هوندو، وزيراعظم مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي.
ڪي پي جي وڏي وزير چيو ته ملاقات دوران پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جو معاملو به اٿاريو، سينيٽ اليڪشن بابت پي ٽي آءِ بانيءَ سان ملاقات ضروري آهي.
علي امين گنڊاپور چيو ته قومي سلامتي بابت به جلد گڏجاڻي ٿيندي، پي ٽي آءِ بانيءَ جو هرگز اهو مطالبو ناهي ته پاڪستان کي پيسا نه ڏنا وڃن.
هن چيو ته وزيراعظم سان ڌانڌليءَ تي به ڳالهيون ٿيون، جنهن تي هن چيو ته ڌانڌليءَ جي شڪايت لاءِ ٽربيونل موجود آهن، هو معاشي حالتون ڏسي وفاق کان ڪي پي لاءِ مطالبا ڪندا.
ان موقعي تي احسن اقبال چيو ته ڪي پي جي وزير جي وزيراعظم سان ملاقات کي هو ڀيليڪار ڪن ٿا، اميد ته سڀ اڪائين سان گڏجي هلندا.
هن چيو ته وزيراعظم رهتون ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، آءِ ايم ايف ڳالهين بعد ناڻي واري وزارت اهو مسئلو حل ڪندي.
رٿابندي واري وفاقي وزير چيو ته علي امين گنڊاپور لوڊشيڊنگ، قيدين سميت ٻيا معاملا اٿاريا، سياست پنهنجي پنهنجي پر رياست سڀ مان مٿانهين آهي، گڏجي مسئلا حل ڪرڻا آهن.
احسن اقبال چيو ته وفاقي سرڪار ڪي پي ۾ امن ۽ ترقي لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪندي….- Advertisement -
