وزيراعظم غزه ۾ جنگ بندي لاءِ گڏيل قومن جي سڪيورٽي ڪائونسل جي ٺهراءُ کي سٺو سنوڻ قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف غزه ۾ جنگ بندي لاءِ گڏيل قومن جي سڪيورٽي ڪائونسل جي ٺهراءُ کي سٺو سنوڻ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته عالمي برادري غزه ۾ فوري طور جنگ بندي لاءِ سڪيورٽي ڪائونسل جي ٺهراءُ تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته غزه ۾ هٿين خالي فلسطينين تي جاري يهود فوج جي  ظلم ۽ ڏاڍ کي مستقل طور تي بند ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسرائيل جي وحشياڻن حملن ۾ هن وقت تائين هزارن جي  تعداد ۾ فلسيني عورتون ۽ ٻار شهيد ٿيا آهن. هن چيو ته اسرائيل پاران ڄاڻي واڻي اسپتالن  ۽ پناهگيرن جي ڪيمپن تي بمباري مذمت جوڳو عمل آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته  پاڪستان 1967ع کان اڳ واري سرحدن تي ٻڌل فلسطيني رياست جي قيام لاءِ فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي حمايت جاري رکندو…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21 ° C
21 °
21 °
60%
5.3m/s
7%
اربع
20 °
خميس
24 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون