وزيراعظم مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاوتون ڪري واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ علائقائي رابطا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي زور ڀريو آهي

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاوتون ڪري واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ علائقائي رابطا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. وزيراعظم شهبازشريف شنگهائي سهڪار تنظيم جي سرابهي اجلاس جي موقعي تي تاجڪستان جي وزيراعظم قاهر رسول زادا بيلاروس جي وزيراعظم، ڪرغزستان جي ڪابينا جي چيئرمين، ترڪمانستان جي ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ قازقستان جي وزيراعظم سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران واپار، سيڙپڪاري، توانائي، علائقائي رابطن ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم  ملاقاتن دوران مختلف شعبن ۾ سهڪار ۽ علائقائي رابطا وڌائڻ تي زور ڀريو. شهبازشريف زراعت   ۽ واپار لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپن جا اجلاس جلد گهرائڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو. ملاقات ڪندڙ اڳواڻن شنگهائي سهڪار تنظيم جو ڪامياب سربراهي اجلاس گهرائڻ تي وزيراعظم شهبازشريف کي واڌايون پيش ڪيون ۽ وفدن جي سطح تي آجيان، بهترين انتظامن ۽ شاندار مهمان نوازيءَ تي سندس ٿورا مڃيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
22%
3m/s
100%
اڱارو
31 °
اربع
33 °
خميس
33 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
33 °

تازه ترين خبرون