تازه ترين

وفاقي حڪومت بشام حملي ۾ پوليس ۽ انتظامي آفيسرن خلاف جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
وفاقي حڪومت بشام حملي ۾ پوليس ۽ انتظامي آفيسرن خلاف جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته بشام حملي جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميٽي جوڙي پوليس ۽ انتظامي آفيسرن خلاف جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي،  ملڪ دشمن طاقتون سي پيڪ کي ناڪام بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيون آهن،  عالمي ميڊيا پاڪستاني معيشيت بابت هاڪاري خبرون ڏئي رهي آهي، ملڪ دشمنن کي پاڪستان جي وڌندڙ  ۽ ڪامياب معيشيت پسند ناهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته حڪومت چيني شهرين جي سڪيورٽي کي انتهائي سنجيدگي سان وٺي رهي آهي، وزيراعظم شهباز شريف داسو حملي بابت انڪوائري ڪميٽي جوڙي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف ڪميٽي جي رپورٽ جي روشني ۾ ڪجهه آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته وزيراعظم، آر پي او هزاره ڊويزن، ڊي پي او ڪوهستان ڊسٽرڪٽ ۽ ڊي پي او لوئر ڪوهستان ڊسٽرڪٽ خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته ڊائريڪٽر سڪيورٽي داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ ۽ ڪمانڊنٽ اسپيشل سڪيورٽي يونٽ ڪي پي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي، عالمي ميڊيا تي پاڪستان جي معيشيت بابت هاڪاري خبرون هلي رهيون آهن. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته سندن حڪومت اچڻ سان ڪاروباري ماڻهن ۾ اعتماد بحال ٿيو آهي، هنن ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو، ڪجهه عنصرن کان پاڪستان جي ترقي برداشت نٿي ٿئي. سندس چوڻ هو ته ملڪ دشمنن کي پاڪستان جي وڌندڙ  ۽ ڪامياب معيشيت پسند ناهي، هو خطي ۾ امن چاهن ٿا، امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، سندن حوصلا بلند آهن ڪنهن کي امن تباهه ڪرڻ نه ڏيندا. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته بلوم برگ پاڪستان ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي جي اڳڪٿي ڪئي، مقامي سيڙپڪاري ۾ به هاڪاري اڳڀرائي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، تحريڪ انصاف باني کي جيل ۾ سهولتون ملي رهيون آهن، بشريٰ بي بي کي زهر ڏيڻ بابت خبرن کي رد ڪري چڪا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
29 %
2.6kmh
0 %
ڇنڇر
21 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون