تازه ترين

وفاقي حڪومت ڪمرشل، زرعي ۽ وڏن واهپيدارن لاءِ بجلي اگهه وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
وفاقي حڪومت ڪمرشل، زرعي ۽ وڏن واهپيدارن لاءِ بجلي اگهه وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪمرشل واهپيدارن لاءِ بجلي جي بنيادي اگهه ۾ 8 رپيه 4 پئسا اضافي جي منظوري ڏني وئي آهي، جولاءِ کان ڪمرشل واهپيدارن جي في يونٽ جي قيمت 77 رپيا 15 پيسا تائين پهچي ويندي. ذريعن موجب، زرعي واهپيدارن لاءِ بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ في يونٽ 6 رپيه 62 پئسا اضافو منظور ڪيو ويو، جنهن بعد جولاءِ لان زرعي واهپيدارن جي في يونٽ جي قيمت 46 رپيا 83 ٿي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جنرل سروسز لاءِ بجلي جو في يونٽ اگهه 6 رپيه 98 پئسا وڌائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، جولاءِ کان جنرل سروسز لاءِ في يونٽ بجلي جي اگهه 61 رپيا 3 پيسا ٿي ويندو. ذريعن موجب، وڏن واهپيدارن لاءِ بجلي جي في يونٽ ٽيرف ۾ 5 رپيا 51 پيسا اضافي جي منظوري ڏني وئي جنهن بعد جولاءِ کان وڏن واهپيدارن جو في يونٽ اگهه 59 رپيا 96 تائين پهچي ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته صنعتي واهپيدارن لاءِ بجلي جو بنيادي ٽيرف برقرار رکڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ذريعن موجب، پاور ڊويزن پاران وفاقي ڪابينا جي فيصلي سان نيپرا کي آگاهه ڪيو ويو آهي……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.5 ° C
27.5 °
27.5 °
12 %
7.5kmh
1 %
اربع
26 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون