تازه ترين

سنڌ هائيڪورٽ پاران ايس ايس پي خيرپور ۽ 6 ايس ايڇ اوز طلب

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ  خيرپور پوليس پاران ناري جي گهرن تي چڙهائي خلاف داخل درخواست تي ايس ايس پي خيرپور ۽ ڇهن ايس ايڇ اوز کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. ناري عشرت فاطمه چانگ طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته چانگ ۽ راڄپر براداري جي ٻن ڌرين ۾ پسند جي پرڻي تان تڪرار هلندڙ آهي، جنهن سان سندس گهر ڀاتين جو  ڪو به تعلق نه آهي. ناري جو چوڻ هو ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ تڪرار دوران ٽي ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن. درخواست داخل ڪندڙ جو چوڻ هو ته ڇهن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز پاران کيس حراسان ڪيو پيو وڃي،  پوليس گهرن تي چڙهائي ڪري سندس گهر ڀاتين کي گرفتار ڪري رهي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ايس ايس پي خيرپور، ڊي ايس پي ڪوٽڏيجي، ڊي ايس پي ٺري ميرواهه ۽ ڇهن ايس ايڇ اوز کي ذاتي حثيت ۾ طلب ڪري ورتو. عدالت گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر کي نوٽيس جاري ڪري  رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.5 ° C
27.5 °
27.5 °
12 %
7.5kmh
1 %
اربع
26 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون