- Advertisement -
وفاقي وزير محسن نقوي سان ايم ڪيو ايم چيئرمين ۽ وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ملاقات ڪري ملڪي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون.
ملاقات ۾ عوام کي رليف ڏيڻ ۽ مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ هو ته ملڪ مشڪل حالتن مان ٻاهر نڪري رهيو آهي.
هن چيو ته هر ايندڙ ڏينهن پاڪستان لاءِ بهتر ثابت ٿي رهيو آهي، مايوسي گناهه ۽ مايوسي پکيڙيندڙ عنصرن جي ايجنڊا ڪجهه ٻي آهي.
خالد مقبول صديقي جو چوڻ هو ته ملڪي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهندڙن جي عوام رد ڪري چڪو آهي.- Advertisement -
