تازه ترين

ٺڪراٺو: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم بعد سيڊا ڊائريڪٽر منٿ ميڙ وٺي آبادگارن وٽ پهچي ويو

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ طرفان آبپاشي عملدارن کي آبادگارن جا مسئلا حل ڪري رپورٽ جمع ڪرائڻ جي حڪم بعد سيڊا ڊائريڪٽر ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ منٿ ميڙ وٺي ٺڪراٺي جي آبادگارن وٽ پهچي ويو. سيڊا ڊائريڪٽر آفيسرن سميت آبادگارن وٽ پهچي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪئي. آبادگارن ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ سيڊي ڊائريڪٽر اڳيان بمبلي مائنر جي آر ڊي 89 کان پڇڙي تائين سمورا غيرقانوني پائپ ۽ ڪڙيا بند ڪرڻ، واهه جي کاٽي ڪرائڻ ۽ ڪڻڪ جي پوکي لاءِ پاڻي ڏيڻ جا شرط رکي ڇڏيا. آبادگارن جو چوڻ هو ته سمورا پائيپ ۽ ڪڙيا بند ڪري 20 نومبر تائين واهه ۾ پڇڙي تائين پاڻي پهچايو وڃي ته اهي ڪيس تان هٿ کڻندا. سيڊا ڊائريڪٽر جو چوڻ هو غيرقانوني پائيپ ۽ ڪڙيا اڄ کان ئي ايس ڊي او، سب انجنيئر ۽ مقامي عملو سخت آپريشن ڪري ختم ڪرائيندا. سندس چوڻ هو ته واهه جي کاٽي بجيٽ اچڻ بعد ڪرائي ويندي ۽ غيرقانوني لفٽ مشينون هڻندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرايا ويندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
51 %
2.8kmh
15 %
آچر
23 °
سُومر
28 °
اڱارو
30 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون