ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سڀ کان وڏي ميچ ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ اڄ نيويارڪ ۾ کيڏي ويندي

- Advertisement -
ٽي 20 ورلڊ ڪپ  جي مها دنگل ۾  پاڪستان جو  مقابلو روايتي مخالف ڀارت سان ٿي رهيو آهي،  وڪيٽ ڪيپر بيٽر اعظم خان کي ڊراپ ڪري آل رائونڊر عماد وسيم کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪرڪيٽ جي دنيا جون 2 وڏيون ٽيمون پاڪستاني وقت موجب شام ساڍي 7 وڳي ناسا ڪائونٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم نيويارڪ ۾ مهاڏو اٽڪائينديون. پهرين مئچ ۾ آمريڪا هٿان شڪست کانپوءِ پاڪستان لاءِ هيءَ ميچ تمام اهميت رکي ٿي،  شڪست جي صورت ۾ قومي ٽيم لاءِ ڏکيائيون پيدا ٿي سگهن ٿيون. ٻئي پاسي آمريڪا خلاف ٻڙيءَ تي آئوٽ ٿيندڙ بيٽسمين اعظم خان ڀارت خلاف ميچ مان ڊراپ ڪيو ويو. ذريعن موجب اعظم خان کي نيٽ پريڪٽس ۾ هڪ به بال کيڏڻ لاءِنه مليو، پريڪٽس دوران هو اڪيلو بيٺو رهيو. اعظم خان پاڪستان لاءِ 14 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ رڳو 88 رنسون ٺاهيون آهن. ذريعن موجب ڪپتان بابر اعظم ۽ ڪوچ گيري ڪرسٽن جو اعظم خان تي اعتماد ناهي رهيو. پاڪ-ڀارت ميچ لاءِ 11 پاڪستاني رانديگرن کي فائنل ڪيو ويو آهي، ٽيم ۾ اعظم خان جي جاءِ تي عماد وسيم کي شامل ڪيو ويو آهي. ڀارت خلاف ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم 4 فاسٽ بالرز ۽ 2 آل رائونڊرز سان گڏ ميدان ۾ ايندي، ڪپتان بابر اعظم ۽ وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان اننگز جي شروعات ڪندا. قومي ٽيم جي 11 رانديگرن ۾ ڪپتان بابر اعظم، محمد رضوان، عثمان خان ۽ فخر زمان شامل آهن. افتخار احمد، شاداب خان، عماد وسيم، شاهين آفريدي، حارث رئوف، محمد عامر ۽ نسيم شاهه به ٽيم ۾ شامل هوندا……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.8 ° C
31.8 °
31.8 °
24%
3.3m/s
1%
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون