آءِ سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي 17هين ميچ ۾ آسٽريليا انگلينڊ کي 36 رنسن تان شڪست

- Advertisement -
آءِ سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي 17هين ميچ ۾ آسٽريليا انگلينڊ کي 36 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. برج ٽائون جي ڪينسنگٽن اوول اسٽيڊيم ۾ گروپ بي جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ميچ ۾ آسٽريليا جي 201 رنسن جي جواب ۾ انگلش ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 165 رنسون ٺاهي سگھي. گروپ ڊي ۾ آسٽريلوي ٽيم ٻه ميچون کيڏيون ۽ ٻنهي ۾ 4 پوائنٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته انگلينڊ هڪ پوائنٽ سان ٽئين کان چوٿين پوزيشن تي برقرار آهي. هدف جي تعاقب ۾ انگلينڊ جي اوپنرز 73 رنسن جي شروعات فراهم ڪئي، فل سالٽ 37 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته جوس بٽلر به 92 جي مجموعي اسڪور تي 42 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو. ول جيڪس 10 ۽ جوني بيئرسٽو 7 رنسون، معين علي 25 ۽ ليام ليونگسٽون 15 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويا جڏهن ته هيري بروڪ 20 ۽ ڪرس جورڊن هڪ رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو. آسٽريليا طرفان پيٽ ڪمنز ۽ ايڊم زمپا 2، 2، جوش هيزل ووڊ ۽ مارڪس اسٽونز هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ انگلينڊ ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو هو، آسٽريليا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 201 رنسون ٺاهيون. آسٽريلوي اوپنرز ڊيوڊ وارنر ۽ ٽريوس هيڊ ٽيم کي 70 رنسن جي سٺي شروعات ڏني، جنهن کانپوءِ ڊيوڊ وارنر 39 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، ان کان پوءِ فوري طور تي ٽريوس هيڊ به 74 جي مجموعي اسڪور تي 34 رنسون ٺاهي پنهنجي وڪيٽ وڃائي ويٺو. مچل مارش 35، گلين ميڪسويل 28، مارڪس اسٽونز 30 ۽ ٽم ڊيوڊ 11 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا جڏهن ته پيٽ ڪمنز ٻڙي تي پويلين موٽيو. انگلينڊ طرفان ڪرس جورڊن 2، معين علي، جوفرا آرچر، عادل رشيد ۽ ليام ليونگسٽون هڪ هڪ وڪيٽ ورتي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.8 ° C
28.8 °
28.8 °
31%
1.6m/s
9%
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون