- Advertisement -
پ پ قيادت، يوسف رضا گيلاني، نثار کهڙي ۽ ڄام مهتاب ڏهر کي اسيمبلي ۾ ميمبر طور قسم کڻڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.
پيپلزپارٽي جي قيادت طرفان ٽنهي اڳواڻن کي سينيٽ چيئرمين جي چونڊ تائين اسيمبلي ميمبر طور قسم کڻڻ کان روڪيو ويو.
ذريعن موجب سينيٽ چيئرمين جي چونڊ کانپوءِ پ پ جا ٽئي اسيمبلي ميمبر عهدي جو قسم کڻندا.
واضع رهي ته سينيٽ چيئرمين کي ووٽ ڪرڻ بعد يوسف رضا گيلاني قومي اسيمبلي، نثار کهڙو ۽ ڄام مهتاب ڏهر سنڌ اسيمبلي جي ميمبر طور عهدي جو قسم کڻندا.- Advertisement -
