تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

بلاول ڀٽو زرداري پاران ڌانڌلي جا الزام لڳائيندڙن خلاف قانوني رستو اختيار ڪرڻ جو اعلان

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، عام چونڊن ۾ پاڻ تي ڌانڌلي جا الزام لڳائيندڙن خلاف قانوني رستو اختيار ڪرڻ جو اعلان ڪندي فارم 45 سوشل ميڊيا تي جاري ڪري ڇڏيو. جاري ڪيل بيان ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اين اي 194 لاڙڪاڻي تي هڪ فراڊي شخص سندس ڪاميابي کي ڌانڌلي قرار ڏنو، هو پنهنجي تڪ ۾ ڌانڌلي جي الزامن کي غير سنجيده نه ٿو وٺي سگهي. هن چيو ته فارم 47 موجب هن هڪ لک 35 هزار 112 ووٽ کنيا آهن ۽ سندس مخالف اميدوار تي هڪ لک کان وڌيڪ ووٽن جي سرسي حاصل آهي. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته عزت ۾ پنهنجي شڪست مڃڻ بدران هارايل شخص ڪوڙ ڳالهائڻ تي لهي آيو آهي، چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ بي ضابطگي جا الزام اهم نوعيت جو معاملو آهي ۽ ان کي سنجيده وٺڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو چونڊن ۾ ڌانڌلي جا غلط الزام لڳائي رهيا آهن، اهي اصل ۾ انهن ماڻهن سان ناانصافي ڪري رهيا آهن جن جا الزام جائز نوعيت جا آهن . بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جمهوريت لاءِ پنهنجي قيادت ۽ ڪارڪنن جو رت ڏنو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
42 %
3.7kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
23 °

تازه ترين خبرون