تازه ترين

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ميثاق معيشيت ۽ نيب کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ميثاق معيشيت ۽ نيب کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته ميثاق معيشيت کي ڪير ڊڪٽيٽ نه ٿو ڪري سگهي، معيشيت جي بحالي لاءِ سڀني سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪرڻيون پونديون، قوم کي ڪنهن جي گرفتاري يا آزاديءَ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا دلچسپي ناهي، نيب ۽ ملڪ جي معيشيت گڏ نٿا هلي سگهن، نيب کي ختم ڪرڻو آهي. قومي اسيمبلي ۾ مالي سال 25-2024ع جي بجيٽ بابت خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زدراري چيو ته عوام کي اٽي، لٽي، اجهي، غربت ۽ مهانگائي ۾ دلچسپي آهي، عوام اميد رکي ٿو ته هو ذاتي مسئلا سائيڊ تي رکن. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف ميثاق معيشيت جي ڳالهه ڪئي، ميثاق معيشيت کانسواءِ مسئلن جو حل نٿو ملي سگهي، پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ نون وچ ۾ هڪ معاهدي تحت حڪومت ٺهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته معاهدي تحت پي ايس ڊي پي گڏيل صلاح مشوري سان ٺهڻ گهرجي ها، جيڪڏهن هو گڏجي ويهن ها ته بهتر حل نڪري ها، وزيراعظم شهباز شريف ۽ ناڻي واري وفاقي وزير کي مشورو آهي ته اتحادين ۽ مخالف ڌر سان صلاح مشورو ٿيڻ گهرجي ها. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو رقم ۾ 27 سيڪڙو اضافو ساراهه جوڳو آهي، تحريڪ انصاف حڪومت ۾ باجوه ڊاڪٽرائن جي نالي تي مخالف ڌر نشاني تي هئي، هو ملڪ جي بنيادي مسئلي جو دفاع ڪرڻ لاءِ هڪ ٿيا. پ پ چيئرمين چيو ته ارڙهين ترميم، اين ايف سي ايوارڊ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي، حڪومت اوڳاڙين بابت جيڪي فيصلا ڪيا هاڪاري حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندن سياسي فلسفو پروگريسو ٽيڪسيشن ۾ يقين رکي ٿو، هو عام ماڻهو کي اوڳاڙين جي مدد ۾ رليف ڏيڻ ۾ هن وقت تائين ناڪام رهيا آهن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هر بجيٽ  اڻ سڌي طرح ٽيڪسيشن تي زور ڏنو آهي، اڻ سڌي طرح ٽيڪسيشن کان گهٽ، عوام دوست بجيٽ نٿا ڏئي سگهن. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ ڊوميسٽڪ توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ناڻي واري وزير سنڌ حڪومت جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ساراهه ڪئي. پ پ چيئرمين چيو ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو 1993ع جي منشور ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو تصور ڏنو، نيب ۽ ملڪ جي معيشيت گڏ نٿا هلي سگهن، بيورو ڪريٽ نيب سبب ڪم ڪرڻ نٿا چاهن، بزنس مين تمام گهڻا ڊنل هوندا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته کين نيب کي ختم ڪرڻو آهي، نيب جا سڀ کان وڏا حامي به شايد اڄڪلهه نيب جي خاتمي جي حمايت ڪن، سياست اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪٻئي کي جيل اماڻڻ جي ضرورت ناهي. پ پ چيئرمين چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي منصوبن کي نيب قانون کان ڇوٽ ڏني وڃي، ايس آءِ ايف سي منصوبن کي به نيب کان ڇوٽ ڏني وئي آهي، کين نيب جو خوف ختم ڪرڻو آهي، بيورو ڪريسي کي طاقتور بڻائڻو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت وڏن شهرن ۾ ٽيڪنالاجي پارڪس ٺاهيا وڃن ته بهتر ٿيندو، دهشتگردي ختم ڪرڻ يا معاشي فيصلن بابت صلاح مشورا ضروري آهن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته کير تي 18 سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ ڪنهن سياستدان نه پر بابو جو فيصلو آهي، اسٽيشنري تي ٽيڪس لڳائڻ به ڪنهن بابو جو فيصلو آهي، اهڙي قسم جا فيصلا واپس ورتا وڃن، حڪومت کي يقين ڏيارن ٿا ته هو حڪومت سان گڏ آهن……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
32.9 ° C
32.9 °
32.9 °
8 %
3kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °
اربع
36 °
خميس
35 °

تازه ترين خبرون