- Advertisement -
پ پ سينيٽر پلوشه خان چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هڪ تهذيب يافته سياستدان آهي، مسلم ليگ نون کي پيپلز پارٽي جي پنجاب ۾ سياست کان تڪليف ٿي رهي آهي، مسلم ليگ نون کان پ پ پنجاب ۾ برداشت نه ٿي رهي آهي، ن ليگ جي خوف مان اندازو ٿي رهيو آهي ته پيپلز پارٽي ڪامياب ٿي ويندي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پلوشه خان چيو ته مسلم ليگ نون جو منشور رڳو هڪ نڪتو آهي، سندن ڳالهه ٿيندي، اوهان اقتدار خاطر ساڙ ۽ صوبائيت جي باهه کي ڀڙڪائڻ چاهيو ٿا.
سندس چوڻ هو ته پنجاب ن ليگ جو ناهي، پ پ جو بنياد لاهور ۾ رکيو ويو، بلاول ڀٽو زرداري به لاهور مان ئي اليڪشن وڙهي رهيو آهي، ن ليگ جو ڌيان سڄي پنجاب کي ڇڏي هڪ ئي تڪ تي آهي.
پ پ سينيٽر پلوشه خان چيو ته ن ليگ اڃا تائين پنهنجو منشور ئي سامهون ناهي آڻي سگهي، ڇا سڄي ملڪ ۾ ڪوبه ماڻهو ناهي جيڪو اوهان کي منشور لکي ڪري ڏئي.
هن چيو ته لاهور بلاول ڀٽو زرداري لاءِ نه مريم اورنگزيب لاءِ نئون ٿي سگهي ٿو، پيپلز پارٽي پنجاب ۾ ڀرپور چونڊ مهم هلائي رهي آهي.
پ پ سينيٽر پلوشه خان چيو ته هڪ پارٽي چوٿون ڀيرو حڪومت جي خواهشمند آهي، هو چئي رهيا آهن ته هو بدنيتي نٿا ڪرڻ چاهن، ٻئي پاسي ٽئين درجي جي ماڻهن کي گارگند تي لڳايو آهي.- Advertisement -
