پاڪستان بلوچستان تي حملي جي جواب ۾ ايران کي آپريشن مرگ بر، سرمچار ذريعي ڀرپور جواب ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
پاڪستان بلوچستان تي حملي جي جواب ۾ ايران کي آپريشن مرگ بر، سرمچار ذريعي ڀرپور جواب ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي ترجمان ممتاز زهرا موجب پاڪستان صبح سوير ايران جي صوبي سيستان ۾ دهشتگردن جي مخصوص پناهگاهن کي نشانو بڻايو، ڪارروائي ۾ ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب انٽيليجنس اطلاعن تي ڪيل  آپريشن کي مرگ بر، سرمچار جو نالو ڏنو ويو. پاڪستاني پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنگين خدشن تي عمل نه ٿيڻ سبب نالي ماتر سرمچار معصوم پاڪستانين کي قتل ڪري رهيا هئا. پرڏيهي ترجمان موجب ڪارروائي قومي سلامتي جي حفاظت ۽ هر قسم جي خطرن جي خلاف دفاع لاءِ پاڪستان جو پختو عزم آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ هو ته  دهشتگردن جي موجودگي ۽ سرگرمين جا  ثبوت رکندڙ ڊوزيئر  به ايران سان شيئر ڪيا ويا، عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ جوابي ڪارروائي ڪئي وئي. ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته ، ڪامياب آپريشن پاڪستاني فورسز جي پيشيوراڻي مهارت  جو ثبوت آهي، پاڪستان پنهنجي عوام جي تحفظ ۽ سلامتي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندو رهندو. پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو مڪمل احترام ڪري ٿو، اڄ جي ڪارروائي جو واحد مقصد پنهنجي سلامتي ۽ قومي مفاد کي حاصل ڪرڻ آهي، پاڪستان جي سلامتي ۽ قومي مفاد تي ڪا به سوديبازي نه ٿي ڪري سگهجي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن جي پاسداري ڪري ٿو، گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۾ ميمبر ملڪن جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري شامل آهي، پاڪستان ڪڏهن به پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت کي چيلينج ڪرڻ جي اجازت  نه ڏيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ هو ته ايران برادر ملڪ آهي ۽ پاڪستاني عوام کي ايراني عوام لاءِ عزت ۽ محبت آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.2 ° C
17.2 °
17.2 °
72%
0.3m/s
0%
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون