پاڪستان تحريڪ انصاف صوبي ۾ تعليم جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي، وٽن عوام جي تحفظ جو ڪو به ايجنڊا ناهي:فيصل ڪريم ڪنڊي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف صوبي ۾ تعليم جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي، وٽن عوام جي تحفظ جو ڪو به ايجنڊا ناهي.

پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پي ٽي آءِ تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته ڪي پي جو وڏو وزير پنهنجي ضلعي ۾ امن قائم نه ڪري سگهيو آهي، ڪي پي ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي.

ڪي پي جي گورنر جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ وٽ عوام جي تحفظ جو ڪو به ايجنڊا ناهي، پي ٽي آءِ حڪومت صوبي ۾ تعليم جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته بي آر ٽي رپورٽن تي صوبائي حڪومت ڇا چوندي، پاڻي وسيلن بابت چيئرمين واپڊا ۽ سمورن پارليامينٽرين کي گهرايو ويندو، وفاق جون رهتون واپس ورتيون وينديون.

فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ هو ته صوابي ۾ ڌماڪو شارٽ سرڪٽ سان ٿيو يا ڪو ٻيو سبب هو؟ جيڪڏهن واقعو شارٽ سرڪٽ سبب ٿيو آهي ته واقعي جي جاچ ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته 11 ملڪن جي سفيرن کي روڊ رستي سوات ڇو آندو ويو، سوات واقعي ۾ مرڪزي ۽ صوبائي حڪومت جي غلطي آهي، معاملي جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.4 ° C
20.4 °
20.4 °
45%
3m/s
0%
اڱارو
30 °
اربع
31 °
خميس
31 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون