تازه ترين

سکر جي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي يو آءِ اڳواڻ شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سکر جي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي يو آءِ اڳواڻ شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس ۾ جوابدار ڌر جو وڪيل پيش نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عبدالرحمان قاضي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ۾ فريادي ڌر پاران مولانا راشد محمود سومرو، مولانا ناصر محمود سومرو، طارق سومرو ۽  ٻيا پيش ٿيا. عدالت ۾ جوابدارن ڌر جو وڪيل پيش نه ٿيڻ ۽ موڪل واري ڏينهن درخواست سبب ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي. جي يو آءِ اڳواڻ ۽ سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي سکر جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو. مولانا راشد محمود سومرو عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدالت مان انصاف جي اميد آهي. هن چيو ته گذريل 10 سالن کان انصاف لاءِ عدالت جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون. هن چيو ته اهي چاهين ٿا ته کين تڪڙو ۽ سستو انصاف ملي پر بدقسمتي سان تڪڙو ۽ سستو انصاف نٿو ملي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
34.2 ° C
34.2 °
34.2 °
3 %
9.4kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
37 °
جمعو
35 °

تازه ترين خبرون