تازه ترين

پاڪستان جو نظام ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ميثاق جمهوريت تي عمل ڪرڻو پوندو:بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته  هو عدالتي سڌارا هر صورت ۾ آڻيندا، آئيني عدالت ضروري آهي. ڪراچي ۾ سنڌ هائيڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي تقريب  کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  پاڪستان جو نظام ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ميثاق جمهوريت تي عمل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته  آئيني عدالت لاءِ ترميم ۾ عمر جي حد مقرر ڪرڻ سان معاملو تڪراري ٿي ويندو. سندس چوڻ هو ته  قانونسازي ڪرڻ عدالت نه پر پارليامينٽ جو ڪم آهي، ڪنهن به جج ۾ سنڌ جو دورو ڪري ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي ڳالهه ڪرڻ جو دم ئي ناهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  انصاف ڏيندڙ اداري عدالتي قتل ڪيو، هٿين خالي عورت کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ بيگناهه شخص کي 11 سال قيد رکيو ويو. هن چيو ته  جمهوريت جي بحالي لاءِ پ پ نسلن جي قرباني ڏني آهي، آمريتي دور ۾ آئين  کي ڪاغذ جو ٽڪڙو سمجهي ڦاڙي ڦٽو ڪيو ويو،   11 سالن تائين هڪ آمر کي ٻنهي هٿن سان سلام ڪيو ويو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ سرڪار کي درخواست آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي هڪ هٽي ختم ڪئي وڃي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت اليڪٽرڪ ڪمپني قائم ٿيڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
11 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
scattered clouds
28.5 ° C
28.5 °
28.5 °
35 %
1.8kmh
39 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
36 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون