پاڪستان رينجرز سنڌ، پوليس ۽ حساس ادارن جون سنڌ ۾ عام واهپي جون شيون ذخيرو ڪندڙن، ڪچي ۾ ڏوهارين ۽ پرڏيهي ڪرنسي جو غيرقانوني ڪارروبار ڪندڙن خلاف ڪارروايون جاري آهن.
ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ ڪارروايون ڪيون پيون وڃن.
حساس اداري طرفان ضلعي انتظاميا ڪيماڙي سان گڏ موچڪو ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪري ڏيڍ ارب کان وڌيڪ ماليت جي ذخيرو ڪيل شين جون ساڍا چار لک کان وڌيڪ ٻوريون هٿ ڪيون ويون آهن.
خانپور مهر ۾ پوليس، رينجرز ۽ حساس ادارن پاران گرفتار ڪيل جوابدارن جي نشاندهي تي اڪبر سومري جي گهر تي ڇاپو هڻي وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا.
هٿ ڪيل هٿيارن ۾ اينٽي ايئرڪرافٽ گن، راڪٽ لانچر، ايس ايم جيز ۽ وڏي تعداد ۾ گوليو ن شامل آهن.
نوابشاهه ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن زراعت کاتي ۽ پرائس ڪنٽرول عملدارن سان گڏجي ڪارروائي ڪري 830 ملين ماليت جو ذخيرو ڪيل ڀاڻ هٿ ڪري ورتو.
پاڪستان رينجرز ۽ سنڌ پوليس پاران ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران ڪيترن ئي سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڪراچي ۾ رينجرز ۽ واٽر بورڊ عملدارن پاران غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف گڏيل ڪارروائي دوران 47 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.
