تازه ترين

پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ مسيحي برادري اڄ ڪرسمس جو ڏهاڙو ملهائي رهي آهي

- Advertisement -
پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ مسيحي برادري اڄ ڪرسمس جو ڏهاڙو ملهائي رهي آهي. ڪرسمس جي شام ايندي ئي سموري دنيا جي گرجا گھرن ۾ خاص عبادتن جو سلسلو شروع ٿي ويو، ڪراچي، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا سميت ملڪ جي مختلف شهرن جي گرجا گهرن ۾ خاص عبادتن جو سلسلو جاري آهي. هوڏانهن واشنگٽن، لنڊن، پيرس، ماسڪو، دبئي سميت ٻين شهرن ۾ ڪرسمس جي روشنين سان روشن ٿي ويا. ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ دنيا جي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڪرسمس سڄي انسانيت لاءِ محبت، امن، رواداري ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏئي ٿو. سندس چوڻ هو ته دعا آهي ته حضرت عيسيٰ عليه السلام جي ولادت مسيحي برادري ۽ ملڪ ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي آڻي. وزيراعظم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ عيسائي برادري جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته باقي قوم سان گڏ انهن جي مدد پاڪستان لاءِ فخر جو سبب آهي. هن وڌيڪ چيو ته بنا ڪنهن فرق جي سڀني شهرين لاءِ برابر حق، آزاديون، معاشي ڀلائي ۽ برابر موقعا يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن…………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.6 ° C
22.6 °
22.6 °
52 %
1.8kmh
6 %
ڇنڇر
28 °
آچر
31 °
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون